ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشيت بهتري طرف هلي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، مهانگائي جي شرح 78 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، هاڻي معاشي استحڪام جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو آهي، معيشيت ۾ خانگي شعبي جو اهم ڪردار آهي، حڪومت خانگي شعبي کي پاليسي گائيڊ لائن ڏيندي، هائوسنگ جي شعبي جو معيشيت ۾ نمايان ڪردار آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهن، معاشي سڌارن جو عمل جاري رکندا.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته گهٽ لاڳت جي گهرن جي اڏاوت اهم آهي، گهرن جي تعمير لاءِ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي اهم ڪردار ادا ڪندي، سستي گهرن جي اڏاوت ۾ مائيڪرو فنانس بئنڪن جو اهم ڪردار هوندو.
سندس چوڻ هو ته هاڻي حڪومت مقامي سطح تي قرض نه وٺندي، حڪومت خانگي شعبي جي هر سطح تي مدد لاءِ تيار آهي، حڪومت هاڻي ماضي جي غلطين کي نه ورجائيندي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معيشيت ۾ خانگي شعبي جو اهم ڪردار آهي، حڪومت خانگي شعبي کي پاليسي گائيڊ لائن ڏيندي، هائوسنگ جي شعبي جو معيشيت ۾ نمايان ڪردار آهي.
هن چيو ته ملڪي معيشيت بهتري طرف هلي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، مهانگائي جي شرح 78 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هاڻي معاشي استحڪام جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهن، معاشي سڌارن جو عمل جاري رکندا.