ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم اڄ کان شروع ٿي وئي، جنهن ۾ 5 سالن تائين جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.
ملڪ ۾ پوليو ڪيس ۽ مثبت ماحولياتي نمونن جي تسلسل سبب ملڪ ۾ پوليو مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ستن ڏينهن جي پوليو خلاف مهم اڄ کان 3 نومبر تائين جاري رهندي.
لاڳاپيل پوليو مهم دوران ملڪ جي 159 ضلعن ۾ 4 ڪروڙ 54 لک ٻارن، جن ۾ ڪي پي جي 73 لک کان وڌيڪ، بلوچستان جي ساڍا 26 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.
اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 14 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي ڦڙا ڏنا ويندا.
پوليو مهم دوران ٻارن جي قوت مدافعت ۾ واڌ لاءِ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏني ويندي.
صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته پوليو سندن ٻارن کي گهڻو نقصان پهچايو آهي ۽ ان جو خاتمو هڪ قومي هدف آهي.
صحت واري وزارت طرفان والدين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ويڪسين جي اهميت کي سمجهن ۽ پنهنجي ٻارن کي ان مهم ۾ پوليو کان بچاءَ جا قطرا لازمي پيارين، ڇو ته فيصلو اڄ ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سڀاڻي ٻار کي پنڌ ڪرڻو آهي.