- Advertisement -
ميان صاحب ويجهو بجلي جي تارن مان باهه لڳڻ سبب 8 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا آهن.
ڳوٺ غلام فريد لنڊ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ نثار لنڊ، رياض لنڊ، سائينداد ۽ علي مراد سميت 8 ڄڻن جا گهر سڙي ويا.
متاثرن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ بيٺل 8 ٻڪريون ۽ رڍون به سڙي رک ٿي ويون.
هنن وس وارن کي مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن هو ٻيهر پنهنجا اجها اڏي سگهن………- Advertisement -
