- Advertisement -
ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري سريلنڪا پهچي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته ايراني صدر سريلنڪا ۾ اماويه ڊيم ۽ بجلي گهر جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايراني صدر جو هي مختصر دورو آهي، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر ڪرڻ آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 2008ع کانپوءِ ڪنهن ايراني صدر جو هي پهريون سريلنڪا جو دورو آهي.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي 22 اپريل تي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي پهتو هو ۽ دورو مڪمل ڪري اڄ صبح سوير ڪراچي کان روانو ٿيو هو……….- Advertisement -
