- Advertisement -
عمرڪوٽ ويجهو ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس جي فريادي ۽ وڪيل تي مبينا فائرنگ ڪئي وئي جڏهن ته ٻئي معجزاڻي طور محفوظ رهيا آهن.
صوفي فقير ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن طرفان فريادي ابراهيم ڪنڀر ۽ وڪيل اعجاز هاليپوٽي تي مبينا فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ هو محفوظ رهيا.
ڪيس جي فريادي ابراھيم ڪنڀر ھاءِ ڪورٽ بار ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ مٿن ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي, اڄ ھو ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اچي رھيا ھئا تھ فائرنگ ڪئي وئي.
ھن چيو مٿن فائرنگ ڪندڙ 3 ھٿياربند موٽر سائيڪل تي سوار ھئا، حملو ڪرائڻ ۾ ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار آھن جيڪي پئسن جون لالچون ڏئي ڪيس تا ھٿ کڻڻ لاءِ دٻاء وجھي رھيا آھن.
ميرپورخاص جي وڪيلن عزيز لغاري, شوڪت راھمون ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي گھر ڪئي تھ فوري طور ڪيس جي فريادي ۽ سندس وڪيلن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
- Advertisement -
