- Advertisement -
ميرپور ماٿيلو ويجهو نوجوان والد جي نشي وپرائڻ واري عمل تي ساڻس ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ ولي محمد ڪورائي ۾ نوجوان طرفان والد کي نشو واپرائڻ کان روڪيو ويو، جنهن تي هن انڪار ڪري ڇڏيو، نوجوان وحيد علي ڪورائي والد سان ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو.
نوجوان جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته سندس والد نشو واپرائيندو آهي گھر ۾ پيل 10 ھزار رپيا کڻي نشو واپرئڻ تان نوجوان ڪاوڙجي زھريليون گوريون کائي زندگي جو انت آندو.- Advertisement -
