تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جي درخواست سپريم ڪورٽ واپس موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جي درخواست سپريم ڪورٽ واپس موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته انهن جي انٽراڪورٽ اپيل کي آئيني عدالت ۾ منتقل ڪرڻ آئيني طور تي سپريم ڪورٽ جي اختيار جي دائري ۾ اچي ٿو. وفاقي آئيني عدالت درخواست خارج ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي اپيل پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪئي وڃي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۽ پي ٽي آءِ باني جون ٻيون اپيلون، طاهر فراز عباسي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن، رياست علي آزاد ۽ شعيب شاهين جون انٽرا ڪورٽ اپيلون به پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪيون ويون آهن. وفاقي آئيني عدالت پي ٽي آءِ باني سان ملاقات يا هدايتون حاصل ڪرڻ جي استدعا به رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس امين الدين خان واضح ڪيو ته عدالت اهڙا آرڊر جاري نٿي ڪري سگهي ۽ ملاقات جي لاءِ ان عدالت سان رابطو ڪيو وڃي جتي سزا ٿي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون