نئون ديرو: ميرواهه کوکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه عورتون قتل

- Advertisement -
نئين ديري ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه عورتون قتل ٿي ويون آهن، لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي واقعي جي نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ميرواهه کوکر واري علائقي ۾  هٿياربندن گوليون هڻي  28ورهين جي ڪرن کوکر ۽ 23 ورهين جي نسيم کوکر قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي عورتن جا  مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن  حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته کوکر برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. عورتن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب عورتن جي قتل واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب چيو آهي ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري علائقي ۾ امن بحال ڪرايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون