تازه ترين

نئين چونڊيل برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر پنهنجي ڪابينا کي حتمي شڪل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
نئين چونڊيل برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر پنهنجي ڪابينا کي حتمي شڪل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڪيئر اسٽارمر طرفان ريچل ريوز کي ناڻي واريِ وزير مقرر ڪيو ويو آهي، هوءَ برطانيا جي پهرين عورت ناڻي واري وزير هوندي. برطانوي ميڊيا موجب، اينجلا رائينر کي نائب وزيراعظم جو عهدو ڏنو ويو جڏهن ته ڊيوڊ ليميَ برطانيا جو نئون پرڏيهي وزير هوندو. برطانوي ميڊيا موجب، جان هيليَِ کي بچاءَ جو وزير مقرر ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستاني ڄائيِِ شبانه محمود کي انصاف واريِ وزير جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. يوويٽ ڪـُو برطانيا جو نئون گھرو وزير هوندو اهڙي طرح بريجٽ فلپسن کي تعليم ۽ اسٽريٽنگ کي صحت کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي. نئين وزيراعظم جي نئين ڪابينا ۾ ايڊملي بينڊ کي توانائي واري وزارت جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. واضع رهي ته برطانيا جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ شاهه چارلس طرفان ليبر ليڊر ڪيئر اسٽارمر کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. ليبر پارٽي جي سربراهه سر ڪئير اسٽارمر چونڊن ۾ ڪاميابي بعد پنهنجي سپورٽرن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي عوام تبديلي جو ووٽ ڏنو، عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته هو تبديلي لاءِ تيار آهن، وڏي مينڊيٽ سان گڏ عوام وڏي ذميواري به ڏني آهي، برطانوي عوام جي خدمت ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون