نادرا جعلي ڊگري ثابت ٿيڻ تي ڊي جي ذوالفقار احمد کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو.
ڊائريڪٽر جنرل سرگوڌا ريجن ذوالفقار احمد جي ايم بي اي جي ڊگري تي صحيح ڪندڙ تنهن وقت جارج ميسن يونيورسٽي آمريڪا جو صدر ئي نه هو.
بي بي اي جي ڊگري ۾ ڪاليج کي ڏنل نالو اصلي ڊگري جاري ڪرڻ وقت ٻيو نڪتو.
نادرا جي درخواست تي هائر ايجوڪيشن ڪميشن انڪوائري ڪئي ۽ نادرا جي حاصل ڪيل ڄاڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هائيڪورٽ به ايڇ اي سي طرفان ڊگري رد ڪرڻ جي فيصلي کي برقرار رکيو.
نادرا طرفان سبب ڄاڻايو نوٽيس تي ذوالفقار احمد ڪو اطمينان جوڳو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو.
نادرا چيئرمين هائيڪورٽ جي فيصلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس ۾ اطمينان جوڳو جواب نه ٿيڻ تي ذوالفقار احمد خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.