نوابشاهه ڊسٽرڪٽ بار پاران گذريل ڏينهن پوليس پاران ايس ٽي پي عورت ڪارڪنن ۽ صحافين مٿان تشدد خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز بيورو چيف ذوالفقار خاصخيلي ۽ ايس ٽي پي عورت ڪارڪنن تي پوليس تشدد واقعي خلاف اڄ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.
ضلعي شهيد بينظير آباد جي ماتحت عدالتن سڪرنڊ، دوڙ، قاضي احمد ۽ دولتپور ۾ به ڪاروهنوار معطل ڪيو ويو آهي.
وڪيلن جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج ڪرڻ هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، پوليس پاران بيگناهه صحافين ۽ عورتن تي تشدد جي هو مذمت ڪن ٿا.
سندن چوڻ هو ته گذريل ڏينهن جڏهن عورت ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ته ڪوريج لاءِ پهتل صحافي ذوالفقار خاصخيلي تي به پوليس طرفان سخت تشدد ڪيو ويو ۽ سندس گاڏي جا شيشا ٽوڙيا ويا.