سنڌ جي نگران وڏي وزير ناقص ڪارڪردگي تي سکر سول اسپتال جي ايم ايس ۽ فنانس ڊائريڪٽر کي معطل ڪندي 15 ڏينهن اندر سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ مشين ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پنجن سالن جي فارنزڪ آڊٽ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سول اسپتال جو اوچتو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.
نگران وڏي وزير ناقص ڪارڪردگي تي سول اسپتال سکر جي ايم ايس الطاف اعواڻ ۽ ڊائريڪٽر فنانس سميت سموري بورڊ کي معطل ڪري ڇڏيو.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اينٽي ڪرپشن ذريعي غلام محمد مهر ڪاليج بجيٽ جي فارينزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
.وڏي وزير سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ مشينون 15 ڏينهن اندر ٺيڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول جو اوچتو دورو ڪري رڪارڊ چيڪ ڪيو.
نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته اسڪول ۾ 55 استاد ۽ 925 شاگرد آهن، روزاني 925 شاگردن مان 550 شاگرد ايندا آهن.
نگران وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته ٻارن جي حاضريءَ کي يقيني بڻايو وڃي.
نگران وڏي وزير سي سيڪشن ٿاڻي سکر جو دورو ڪري انسپيڪشن رجسٽر جو معائنو ڪيو، کيس ڪوبه رڪارڊ نه مليو.
نگران وڏي وزير ڪيس جي پراپرٽي ۽ گاڏين جي پڻ چڪاس ڪئي.
ايس ايس پي سکر، وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته هن مهيني وڏي ڏوهاري سانوڻ سکاڻي کي ماريو آهي،جيڪو 11 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هو.
نگران وڏي وزير سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موبائل جي وائرليس وسيلي لوڪيشن معلوم ڪئي.
نگران وڏي وزير مقبول باقر سکر شهر ۾ حددخلين ۽ ٽريفڪ انتظامن جو جائزو به ورتو.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اڄ گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي جو به دورو ڪندو.