- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته هن وقت تائين نواز شريف ئي لاڏلو نظر اچي رهيو آهي، نواز شريف کي ميان محمد نواز شريف ٿي رياست کي بچائڻ گهرجي، بهترين سياست بدران ڪنهن جي مدد سان اچڻ سان سندس خلاف گو نواز گو جا نعرا لڳندا.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف کي اپيل ڪندس ته ملڪ بچايو، ڪنهن جي اشارن ته نه هلي.
هن چيو ته اسان جو واضح موقف هو ته نواز شريف لاءِ اليڪشن روڪي وئي آهي، نواز شريف کي هاڻي اعلان ڪرڻ گهرجي ته هو واپس اچي ويو آهي، هاڻي اليڪشن ٿيندي.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته نواز شريف جيڪڏهن غلط رستي کان آيو ته هو به تاريخ ۾ مثال بڻجي ويندو، پ پ جڏهن به آئي آهي ته پنهنجو منشور کڻي آئي آهي.
خورشيد شاهه سوال ڪيو ته اسان وٽ آئين، قانون ۽ شقون موجود آهن، ڪجهه ماڻهن پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ رياستي ادارن کي ساڙايو، ڇا اسان جون سول عدالتون اهڙن ماڻهن کي سزا ڏئي سگهنديون يا کين نظرانداز ڪيو ويندو؟.
هن چيو ته ماضي ۾ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جڏهن عدالتن اهو چئي ڪيس هلائڻ کان انڪار ڪيو ته اسان تي دٻاءُ آهي.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اهو به ڏسڻو پوندو ته وڏن دهشتگردن جا ڪيس به عدالتن مان واپس ڪيا ويا، پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو قطعي آهي.- Advertisement -
