نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهيسن ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران پاڪستان ۾ مقرر ورلڊ بينڪ جي سربراهه پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو پروگرام بهتر طريقي سان هلائڻ تي سنڌ حڪومت جي واکاڻ ڪئي.
نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ هو ته ڪچين آبادين کي سٺين هائوسنگ اسڪيمن ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته ، ڪچين آبادين ۾ سٺا فليٽ ٺاهڻ چاهيون ٿا، انهن پروجيڪٽس ۾ رهندڙن جي حقن جو به تحفظ ڪيو ويندو.
نگران وڏي وزير چيو ته ، پهرين مرحلي ۾ ڪچين آبادين ۾ موجود خالي پلاٽن تي وڏيون عمارتيون ٺاهيون وينديون.
عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته شهري ترقي لاءِ ورلڊ بينڪ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندي.
نگران وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت منصوبي جو پيپر ورڪ ڪندي، جنهن جي جائزي بعد منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
نگران وڏي وزير چيو ته هن وقت ڪچين آبادين ۾ ڳتيل آبادي آهي، جنهن کي بهتر رهائشگاهه بڻائڻ سان سروس ۽ ماحول بهتر ٿيندو.
سندس چوڻ هو ڪراچي ڪاسموپوليٽن شهر آهي، ڪراچي جو انداز وڏن ۽ عظيم شهرن ۾ ٿيڻ گهرجي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران نيوٽريشن پروگرام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته نيوٽريشن پروگرام بهتر طريقي سان جاري آهي، پروگرام تحت ماءُ ۽ ٻار جي مناسب سار سنڀال ٿي رهي آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ اسٽنٽنگ پروگرام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.