تازه ترين

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان وقتي آمريڪي نائب سيڪريٽري آف اسٽيٽ جو فون تي رابطو

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان وقتي آمريڪي نائب سيڪريٽري آف اسٽيٽ ويڪٽوريه نولينڊ ٽيليفون تي رابطو ڪري وقت تي عام چونڊن جي اهميت بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان موجب، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان وقتي آمريڪي نائب سيڪريٽري آف اسٽيٽ ويڪٽوريه نولينڊ ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽيليفون تي رابطي دوران ويڪٽوريه نولينڊ، جليل عباس جيلاني کي نگران پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ تي مبارڪ ڏني.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته وڪٽوريه نولينڊ ۽ جليل عباس جيلاني وچ ۾ پاڪستان جي معاشي استحڪام، خوشحالي ۽ آءِ ايم ايف سان رابطن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن ۾ وقت سر، آزاداڻه ۽ شفاف چونڊن جي اهميت بابت به ڳالهيون ٿيون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
13.6 ° C
13.6 °
13.6 °
66 %
0.6kmh
36 %
جمعو
14 °
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
23 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون