- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف عاشوري تي بهترين سڪيورٽي انتظام يقيني بڻائڻ تي پاڪ فوج، انتظاميا، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي واکاڻ ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان عاشور جي ڏهاڙي تي ملڪي حالتون پرامن رهيون، ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان مجلسن ۽ جلسا جلوس ٿيا.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته انتظاميا، پوليس، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجي ڊيوٽي تي مقرر هئا، عاشور جي ڏهاڙي کي پرامن رکڻ تي هو آفيسرن ۽ اهلڪارن جا ٿورائتا آهن.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته وفاقي گهرو وزير ۽ چئني وڏن وزيرن جي بهترين قيادت سبب ملڪ ۾ عاشور جي ڏهاڙي جون سرگريون پرامن طريقي سان پڄاڻي تي پهتيون.- Advertisement -
