تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف،  پي ٽي آءِ باني جي سول نافرماني جي ڪال کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف   پي ٽي آءِ باني جي سول نافرماني جي ڪال کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سول نافرماني جي تحريڪ ملڪ دشمني آهي، ملڪ خلاف سازش ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، بدقسمتي سان هڪ دفعو ٻيهر سول نافرماني جي ڪال ڏني وئي آهي، اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن خلاف واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، شام ۾ پاڪستاني شهرين جي ڦاسڻ تي ڳڻتي آهي،  لبيناني وزيراعظم پاڪستاني شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ ڀرپور سهڪار ڪندو. وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته شام ۾ حالتون ڪجهه ڏينهن ۾ تبديل ٿي ويون، پاڪستان شام جي معاملي تي سفارتي سطح تي غير جانبدار رهيو. سندس چوڻ هو ته شام ۾ پاڪستان مان 250 پانڌيئڙا ويل هئا، شام ۾ ڪيترائي پاڪستاني موجود آهن، شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين لاءِ فڪرمند آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت شام ۽ لبنان ۾ پاڪستان جي سفيرن سان رابطي ۾ آهن، شام مان پاڪستانين جي لبنان جي زميني رستي واپس لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته شام ۾ پاڪستاني شهرين جي ڦاسڻ تي ڳڻتي آهي،  لبناني وزيراعظم پاڪستاني شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ ڀرپور سهڪار ڪندو. وزيراعظم چيو ته ترقي ۽ سيڙپڪاري لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، هفتيوار مهانگائي جي شرح 3 ڏهائي 57 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ملڪ خلاف سازش ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. شهباز شريف چيو ته بدقسمتي سان هڪ دفعو ٻيهر سول نافرماني جي ڪال ڏني وئي آهي، اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن خلاف واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27 ° C
27 °
27 °
39 %
5.4kmh
5 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون