وزيراعظم شهباز شريف سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ بابت سنڌ جي خدشن جو نوٽيس ورتو، پنجاب سميت چئني صوبن کان آبپاشي جي منصوبن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا.
رٿا بندي واري وزارت منصوبن جي تفصيلن لاءِ چئني صوبن کي خط لکي 2029ع تائين مڪمل ٿيندڙ ميگا سيڪٽر منصوبن بابت رپورٽ گهري ورتي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته مڪمل ٿيندڙ ميگا سيڪٽر منصوبن جا تفصيل رٿابندي واري وزارت کي اي ميل يا جي ميل تي موڪليا وڃن.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل تفصيل وزيراعظم حوالي ڪرڻا آهن ان لاءِ جلد موڪليا وڃن.
خط ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروجيڪٽ نمبر، منصوبي جو نالو، مختص رقم، منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ جا تفصيل موڪليا وڃن.
چئني صوبن جي آبپاشي کاتن منصوبن بابت تفصيل جمع ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب منصوبن جي تفصيلن کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت فنڊز جي ورهاست ڪندي.
ذريعن موجب سنڌو درياهه تي ڪينالن جي تعمير جو منصوبو پنجاب جي آبپاشي کاتي جو منصوبو آهي، سنڌ جي آبپاشي کاتي وزيراعظم کي تفصيل فراهم ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي……..
وزيراعظم شهباز شريف سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ بابت سنڌ جي خدشن جو نوٽيس ورتو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3
°
C
12.3
°
12.3
°
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


