- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف موٽرويز ۽ ريلويز ذريعي امڪاني دهشتگردي ۽ ٻيا ڏوهه روڪڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف بچاءَ واري وزير خواجا آصف کي موٽر ويز ۽ ريلويز ذريعي امڪاني دهشتگردي ۽ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ قائم ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي موٽر ويز ۽ ريلوي پوليس جي صلاحيت جو جائزو وٺندي، دهشتگردي ۽ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ادارن جي صلاحيتن کي جاچيندي.
ذريعن موجب نئين ٺهيل ڪميٽي انهن ادارن جي ڪارڪردگي، صلاحيت ۽ بهتري لاءِ سفارشون پيش ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي 2 هفتن اندر پنهنجون تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪندي.- Advertisement -
