- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف 1971ع جي جنگ ۾ شهيد ٿيل لانس نائيڪ محمد محفوظ کي 53هين شهادت جي ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 1971ع ۾ لانس نائيڪ محمد محفوظ واگها بارڊر تي مثالي بهادري جو مظاهرو ڪندي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
سندس چوڻ هو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ دشمنن جي طاقت ۽ سرسي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد فرض شناسي ۽ حب الوطني جي اُها ڀت ثابت ٿي، جنهن ملڪ کي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کان بچائي ورتو……..- Advertisement -
