- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف 4 جون تي چين روانو ٿيندو، 110 رڪني واپاري وفد به ساڻس گڏ هوندو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهبازشريف جو چين جو دورو ٽن مرحلن تي ٻڌل هوندو، هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو دورو ڪندو.
وزيراعظم شهبازشريف بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪندو.
شهبازشريف جي دوري جو اهم پاسو تيل ۽ گيس، توانائي، آءِ سي ٽي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ايگزيڪٽوز سان ملاقاتون هوندو.
وزيراعظم چين ۾ اقتصادي ۽ زرعي زونز جو به دورو ڪندو ۽ شينزن ۾ ٻنهي ملڪن جي واپارين، ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان چائنا پاڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندو.
وزيراعظم سان گڏ 110 رڪني واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد چين روانو ٿيندو، پي ٽي آءِ ايَ جي چارٽر جهاز جا سمورا خرچ وزيراعظم آفيس ادا ڪندي..- Advertisement -
