وفاقي بجيٽ لاءِ مجموعي طور وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ 27 سئو 9 ارب رپيا رکڻ جي تجويز

- Advertisement -
نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ لاءِ مجموعي طور وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ 27 سئو 9 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ايندڙ بجيٽ لاءِ سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت رٿابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ڪئي. اجلاس ۾ پي ايس ڊي پي جي مد ۾ 12 سئو 21 ارن رپيا، انفرا اسٽرڪچر لاءِ 877 ارب رپيا، توانائي جي ترقياتي پروگرام لاءِ 378 ارب رپيا، ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونڪيشن لاءِ 173 ارب رپيا، پاڻي وسلين لاءِ 284 ارب رپيا، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ 42 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي. پلاننگ ڪميشن سوشل سيڪٽر لاءِ  مجموعي طور 83 ارب رپيا، صحت لاءِ 17 ارب ۽ تعليم لاءِ 32 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته ايس ڊي جيز لاءِ بجيٽ ۾ ڪا رقم ناهي رکي وئي. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ 51 ارب رپيا ۽ ڪي پي ۾ ضم ٿيل ضلعن لاءِ 57 ارب رپيا  رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي لاءِ 104 ارب رپيا، پراڊڪشن سيڪٽر لاءِ  21 ارب رپيا، فوڊ اينڊ ايگري ڪلچر لاءِ 14 ارب رپيا ۽ صنعتن لاءِ 7 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي. دستاويز موجب ايندڙ مالي سال لاءِ  معاشي ترقي جو ڪاٿو 3 ڏهائي 6 سيڪڙو لڳايو ويو، هلندڙ مالي سال جي ڊي پي گروٿ 2 ڏهائي 4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ايندڙ مالي سال لاءِ زرعي شعبي جي ترقي جو حدف 2 سيڪڙو، صعنتي شعبي جي ترقي جو حدف 4 ڏهائي 4 سيڪڙو، سروسز شعبي جي  ترقي جو حدف 4 ڏهائي هڪ سيڪڙو، لائيو  اسٽاڪ جو 3 ڏهائي 8 سيڪڙو ۽ مينوفيڪچرنگ شعبي لاءِ پيداواري گروٿ جو حدف 4 ڏهائي 4 سيڪڙو رکڻ جي تجويز آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
18%
3.2m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون