وڏي وزير مراد علي شاهه آبادگارن ۾ نومبر جي ٻئي هفتي ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ورهائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آبادگارن لاءِ ڪڻڪ جي امدادي اگهه بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امدادي اگهه ۽ خريداري نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي آهي.
هن چيو ته فوڊ سڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ 55 ڏهائي 8 بلين رپين جو پئڪيج ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته 25 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن کي ڊي اي پي جي هڪ ۽ يوريا جون ٻه ٻوريون ڏنيون وينديون.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 41 لک 14 هزار 408 آبادگارن وٽ 22 لک 62 هزار 746 ايڪڙ زمين آهي.
هن چيو ته پ پ حڪومت 22 لک 62 هزار 746 ڊي اي پي ۽ 45 لک 25 هزار 492 يوريا جون ٻوريون ورهائيندي.
سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ جي سروي ۽ ڪڻڪ جي فصل جي تصديق جي سروي کانپوءِ ڀاڻ ڏنو ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته نومبر جي ٻئي هفتي کان ڊي اي پي ۽ يوريا جي ورڇ ڪئي ويندي.
هن چيو ته ڪڻڪ جو بمپر فصل يقيني بڻايو وڃي، آبادگارن کي سٺو امدادي اگهه ڏنو ويندو…….