سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نيڌرلينڊ جا پاڻي ماهر صوبي ۾ ٻوڏ جي مسئلن تي سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪم ڪندا، سنڌ حڪومت ٿر ۽ ڪوهستان جي علائقن ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن، ڊيم برسات جي پاڻي سان ڀرجندا آهن، ننڍن ڊيمن جو پاڻي زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ استعمال ٿيندو آهي، نيڌرلينڊ جي سيڙپڪارن لاءِ فشريز ۽ واٽر سيڪٽر ۾ موقعا آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان نيڌرلينڊ جي سفير مس هيني ڊي وريس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.
ان موقعي تي نيڌر لينڊ جي سفير چيو ته ماهيگيري ۽ واٽر مينيجمينٽ ۾ نيڌر لينڊ وٽ ٽيڪنالاجي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته نيڌرلينڊ جي سيڙپڪارن لاءِ سنڌ ۾ فشريز ۽ واٽر سيڪٽر ۾ موقعا آهن.
نيڌرلينڊ جي سفير هيني ڊي وريس چيو ته موسمياتي تبديلي جي مسئلن تي به نيڌرلينڊ سنڌ حڪومت سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جو آبپاشي کاتو نيڌرلينڊ سان رابطو ڪندو.
نيڌر لينڊ جي سفير چيو ته نيدرلينڊ جا پاڻي ماهر سيپٽمبر ۾ ايندا.
وڏي وزير سندن اجلاس آبپاشي کاتي سان طئي ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نيڌرلينڊ جا پاڻي ماهر صوبي ۾ ٻوڏ جي مسئلن تي سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪم ڪندا، سنڌ حڪومت ٿر ۽ ڪوهستان جي علائقن ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڊيم برسات جي پاڻي سان ڀرجندا آهن، ننڍن ڊيمن جو پاڻي زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
سنڌ حڪومت ۽ نيڌرلينڊ ۾ پوليٽري جي صنعت ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو……..