ٻن سالن دوران مڙهيل جنگين باجود آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا : عباس عراقچي

- Advertisement -
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ٻن سالن دوران مڙهيل جنگين باجود آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. تهران مان جاري ڪيل بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل گذريل ٻن سالن دوران ايران تي مڙهيل 12 ڏينهن ۽ 40 ڏينهن وارين جنگين ۾ حڪومت جي تبديلي، ملڪ کي ورهائڻ ۽ غيرمشروط طور تي جهڪائڻ جون ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ايراني قوم جي مزاحمت ۽ جوابي ڪاررواين آڏو دشمن پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو، ۽ ان جو مطالبو غير مشروط هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان تبديل ٿيندي غير مشروط ڳالهين ۽ سفارتڪاري تائين پهتو. ايراني پرڏيهي وزير يورپي ۽ ڪجهه علائقائي ملڪن تي به تنقيد ڪندي چيو ته انهن آمريڪي جنگي جهازن کي پنهنجا هوائي اڏا فراهم ڪيا ۽ ايران مخالف پابندين ۾ حصو ورتو، پر ان باوجود ڪا به طاقت ايراني قوم کي شڪست ڏئي نه سگهي. عباس عراقچي معاشي خودمختياري مضبوط ڪرڻ لاءِ سفارتڪاري مان ڀرپور فائدو وٺڻ، پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري کي اوليت ڏيڻ واري حڪمت عملي جاري رکڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون