تازه ترين

ٽرمپ ثابت ڪري ڇڏيو ته نه هو ڳالهين جي اصولن جو پابندي آهي ۽ نه ئي جنگ بندي معاهدي جو احترام ڪري ٿو : ابراهيم عزيزي

- Advertisement -
ايران پاران امريڪي حملن جي جواب ۾ ڪارروائي جي دعوى ڪئي وئي آهي. ايراني ٽي وي موجب، پاسداران انقلاب خطي ۾ آمريڪي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو. ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي اڳرائي جي جواب ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته امريڪا جي نئين بيوقوفيءَ  جو سخت رد عمل ڏنو ويندو. ٻئي پاسي ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي آمريڪي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حملن کي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. سندس چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ثابت ڪري ڇڏيو ته نه هو ڳالهين جي اصولن جو پابندي آهي ۽ نه ئي جنگ بندي معاهدي جو احترام ڪري ٿو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري بيان ۾ هن چيو ته جنگ بندي جي اها غير ذميواراڻي ڀڃڪڙي هميشه آمريڪا جي لاءِ پوئتي هٽڻ ۽ افسوس ڪرڻ جو سبب بڻجندي. هن ايراني  عهديدار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته الزامن لڳائڻ جي راند هاڻي وڌيڪ نه هلندي، آمريڪا کي پنهنجي قدمن جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون