- Advertisement -
پارليامينٽ جي خاص ڪميٽيءَ ۾ آئيني ترميم تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي جڏهن ته سب ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.
آئيني ترميم بابت پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کانسواءِ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آئيني ترميم واري معاملي تي ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي.
اجلاس ۾ آئيني ترميم تي وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ هڪ سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي.
اڱاري تي سب ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف سياسي پارٽين جي آئيني ترميم جي مسودي تي غور ويچار ڪيو ويندو.
آئيني ترميم بابت پارليامينٽ جي سب ڪميٽي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي ٻيهر طلب ڪيو ويو.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آمريڪا ۾ ججن جي مقرري صدر ڪندو آهي.
هن چيو ته ڀارت ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ججن جي مقرري تي ووٽنگ ڪئي ويندي آهي.
سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اڃا تائين هڪ سياسي پارٽي آئيني مسودو پيش نه ڪيو آهي.
هن چيو ته پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي هڪ سب ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جي سربراهي اعظم نذير تارڙ ڪندو.
سندس چوڻ هو ته سب ڪميٽي ۾ ڪامران مرتضيٰ ۽ پي ٽي آءِ جا ٻه ميمبر شامل آهن.
عرفان صديقي چيو ته سمورين پارٽين جي مسودن ۾ ڪو به اصولي اختلاف ناهي.
هن چيو ته سب ڪميٽي ٻن ڏينهن اندر سفارشون خاص ڪميٽي حوالي ڪندي.
عرفان صديقي چيو ته تحريڪ انصاف جا اختلاف وڌيڪ آهن، سندن خدشا به آهن.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
عرفان صديقي چيو ته آئيني ترميم سياسي نوعيت نه پر پارليامينٽ جي بالادستي جو معاملو آهي……………
ٻئي طرف جي يو آءِ آئيني ترميم جو مسودو پارلياماني خاص ڪميٽيءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جي يو آءِ طرفان آئيني عدالت پاران آئيني بئنچ قائم ڪرڻ جي تجويز، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ جي مسودي ۾ رڳو آئيني عدالت ۽ بئنچ جو فرق آهي، پ پ جي ٻئي مسودي تي جي يو آءِ کي ڪو به اعتراض ناهي، اميد آهي ته جلد ٻنهي پارٽين ۾ هڪ گڏيل مسودو تي اتفاق ٿي ويندو.
ٻئي طرف جي يو آءِ آئيني ترميم جو مسودو پارلياماني خاص ڪميٽيءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
جي يو آءِ طرفان آئيني عدالت بدران آئيني بئنچ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ جي مسودي ۾ رڳو آئيني عدالت ۽ بئنچ جو فرق آهي، پ پ جي ٻئي مسودي تي جي يو آءِ کي ڪو به اعتراض ناهي، اميد آهي ته جلد ٻنهي پارٽين ۾ هڪ گڏيل مسودو تي اتفاق ٿي ويندو.- Advertisement -
