تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پارليامينٽ جي خاص ڪميٽيءَ ۾ آئيني ترميم تي ڊيڊ لاڪ برقرار

- Advertisement -
پارليامينٽ جي خاص ڪميٽيءَ ۾ آئيني ترميم تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي جڏهن ته سب ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. آئيني ترميم بابت پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کانسواءِ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آئيني ترميم واري معاملي تي ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. اجلاس ۾ آئيني ترميم تي وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ هڪ سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي. اڱاري تي سب ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف سياسي پارٽين جي آئيني ترميم جي مسودي تي غور ويچار ڪيو ويندو. آئيني ترميم بابت پارليامينٽ جي سب ڪميٽي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي ٻيهر طلب ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آمريڪا ۾ ججن جي مقرري صدر ڪندو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ججن جي مقرري تي ووٽنگ ڪئي ويندي آهي. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اڃا تائين هڪ سياسي پارٽي آئيني مسودو پيش نه ڪيو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي هڪ سب ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جي سربراهي اعظم نذير تارڙ ڪندو. سندس چوڻ هو ته سب ڪميٽي ۾ ڪامران مرتضيٰ ۽ پي ٽي آءِ جا ٻه ميمبر شامل آهن. عرفان صديقي چيو ته سمورين پارٽين جي مسودن ۾ ڪو به اصولي اختلاف ناهي. هن چيو ته سب ڪميٽي ٻن ڏينهن اندر سفارشون خاص ڪميٽي حوالي ڪندي. عرفان صديقي چيو ته تحريڪ انصاف جا اختلاف وڌيڪ آهن، سندن خدشا به آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. عرفان صديقي چيو ته آئيني ترميم سياسي نوعيت نه پر پارليامينٽ جي بالادستي جو معاملو آهي…………… ٻئي طرف  جي يو آءِ آئيني ترميم جو مسودو پارلياماني خاص ڪميٽيءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جي يو آءِ طرفان آئيني عدالت پاران آئيني بئنچ قائم ڪرڻ جي تجويز، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ جي مسودي ۾ رڳو آئيني عدالت ۽ بئنچ جو فرق آهي، پ پ جي ٻئي مسودي تي جي يو آءِ کي ڪو به اعتراض ناهي،  اميد آهي ته جلد ٻنهي پارٽين ۾ هڪ گڏيل مسودو تي اتفاق ٿي ويندو. ٻئي طرف جي يو آءِ آئيني ترميم جو مسودو پارلياماني خاص ڪميٽيءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ طرفان آئيني عدالت بدران آئيني بئنچ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ جي مسودي ۾ رڳو آئيني عدالت ۽ بئنچ جو فرق آهي، پ پ جي ٻئي مسودي تي جي يو آءِ کي ڪو به اعتراض ناهي،  اميد آهي ته جلد ٻنهي پارٽين ۾ هڪ گڏيل مسودو تي اتفاق ٿي ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
17 %
2.8kmh
23 %
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون