وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي، حڪومتي قدمن سان پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي آهي، سندن خواهش آهي ته وياج جي شرح سنگل ڊجٽ ۾ اچي وڃي.
ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني معيشت کي مضبوط ڪيو ويندو، آهستي آهستي تبديلي اچي رهي آهي، وياج جي شرح ۾ ٻه سيڪڙو گهٽتائي سان سمورن شعبن کي فائدو ٿيندو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان قرض پرورگرام ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن، پروگرام طئه ڪرڻ بعد هو ترقيءَ جي شرح وڌائڻ لاءِ قدم کڻندا.
وزيراعظم چيو ته توانائي ۽ ايف بي آر جي شعبي ۾ قدمن جي ضرورت آهي.
شهبازشريف چيو ته قرضن مان جان ڇڏائي پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوندو، پاڪستان ائٽمي طاقت آهي روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي.
وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جا مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ سڀني گڏجي محنت ڪئي، چيني سفير به ڪوششون ورتيون.
شهبازشريف چيو ته غزا ۾ رتوڇاڻ ۽ معصوم فلسطينين جي جهڙيءَ ريت شهيد ڪيو پيو وڃي، اهو انساني تاريخ جو ڪارو ترين باب آهي، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عالمي ضمير خاموش آهي.
وزيراعظم چيو ته اسرائيلي ظلم سبب گڏيل قومن جي ڇهن رضاڪارن کي غزا ۾ قتل ڪيو ويو، اهو واقعو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿئي ها ته طوفان اچي وڃي ها.
شهبازشريف چيو ته اسرائيلي ڏاڍ مذمت کان گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي، عالمي دنيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو