- Advertisement -
پاڪستان خلائي مشن ۾ نئين منزل حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو، پهرين پاڪستاني خلا باز ذيشان علي جي چيني خلائي اسٽيشن تان روانگي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن.
چيني خلائي مشن شين زو 24 سڀاڻي پاڪستاني خلا باز سميت ٽن خلا بازن کي کڻي روانو ٿيندو.
پاڪستاني خلاباز چين جي تيانگونگ خلائي اسٽيشن تي پهچندڙ پهريون پرڏيهي خلاباز هوندو.
چيني خلائي ايجنسي جو چوڻ آهي ته شين زون 24 خلائي جهاز اربع جي ڏينهن صبح جو روانو ڪيو ويندو، خلائي مشن چين جي مقامي وقت موجب صبح جو 8 لڳي 18 منٽن تي روانو ٿيندو.
چيني خلائي ايجنسي موجب خلائي مشن جِيو ڪو ئان سيٽيلائٽ لانچنگ سينٽر تان لانچ ڪيو ويندو.
سپارڪو ۽ چين خلائي ايجنسي جي گڏيل سهڪار سان مشن سرانجام ڏنو ويندو، سپارڪو موجب محمد ذيشان علي ۽ خرم دائود چين ۾ خلائي تربيت مڪمل ڪري چڪا آهن، پاڪستاني خلاباز هڪ هفتو خلا ۾ ترسڻ کانپوءِ واپس ايندو.
پاڪستاني خلا باز ذيشان علي چيو آهي ته اميد آهي ته هي مشن آخري نه هوندو وڌيڪ گڏيل مشن به ٿيندا.
خلاباز محمد ذيشان علي چيو ته اهو نه رڳو هن لاءِ پر سندس ملڪ پاڪستان لاءِ به اعزاز آهي.
سندس چوڻ هو ته چيني عملي سان دوستي ۽ پيشيوراڻا لاڳاپا قائم ٿيڻا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سمنڊ کان به گهري ۽ جبلن کان مٿانهين آهي.
محمد ذيشان علي چيو ته وزيراعظم چيو ته مشن تي ذيشان علي نه پر پاڪستان وڃي رهيو آهي.- Advertisement -
