تازه ترين

پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي ڪوشش، آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 3اهلڪار شھيد، 3 ددهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگردن طرفان حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، 3 آپگهاتي بمبار مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي افغان شهري طور سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته 3 ايف سي جي اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر تي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو صبح 8 لڳي 10 منٽن تي ٿيو. سندس چوڻ هو ته حملي کانپوءِ سنهري مسجد روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ٽريفڪ کي صدر روڊ طرف موڙيو ويو. سي سي پي او پشاور جو چوڻ هو ته ٽن آپگهاتي حملو ڪندڙن فيڊرل ڪانسٽيبلري تي حملو ڪيو، هڪ آپگهاتي حملي آور پاڻ کي مرڪزي گيٽ تي اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻن آپگهاتي حملي ڪندڙن هيڊ ڪوارٽر اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ميان سعيد جو چوڻ هو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن ٻنهي حملو ڪندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، ٽنهي آپگهاتي حملو ڪندڙن کي ماريو ويو آهي، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن بهادري سان آپگهاتي حملا ناڪام بڻايا. مارجي ويل دهشتگردن جي افغان شهري طور سڃاڻپ ٿي آهي. ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جاويد اقبال ٻڌايو ته ٽنهي آپگهاتي حملو ڪندڙن کي ماريو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، آپگهاتي حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
10 %
2.2kmh
0 %
اڱارو
12 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون