- Advertisement -
پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخصوص سيٽن تي نون چونڊيل 24 ميمبرن قسم کڻي ورتو، مخالف ڌر پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.
اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.
مخالف ڌر جي ميمبر راڻا آفتاب طرفان ڪورم اڻپورو هئڻ جي نشاندهي ڪئي وئي، جڏهن ته اسپيڪر ايوان ۾ 104 ميمبرن جي موجودگي جو چئي ڪورم مڪمل قرار ڏنو.
اسپيڪر نون چونڊيل ميمبرن کي قسم کڻڻ جي دعوت ڏني.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي حڪم تي سيڪريٽري اسيمبلي، پينل آف چيئر جي نالن جو اعلان ڪيو.
پينل آف چيئر ۾ راڻا منور حسين، سيد علي حيدر گيلاني، غلام مرتضيٰ ۽ محترمه راحيلا نعيم کي شامل ڪيو ويو.
مخالف ڌر جي ميمبر راڻا آفتاب اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن کٽڻ کانپوءِ سندن ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا، هي سندن سيٽون آهن، اهي سيٽون کين ڏنيون وڃن.
مخالف ڌر جي ميمبر، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي اپيل ڪئي ته ايوان کي رولز آف بزنس موجب هلايو.
مخالف ڌر جي ميمبر راڻا آفتاب چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن بابت فيصلو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، قسم نه کڻايو وڃي.
اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته هر ڪم آئين ۽ قانون موجب ڪيو پيو وڃي، سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه لکي ڏئي چڪو آهي ته هنن اليڪشن ۾ حصو ناهي ورتو.
مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ گوڙ ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو، جنهن دوران 21 عورت ۽ ٽن اقليتي چونڊيل ميمبرن کي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر قسم کڻايو.
ايوان ۾ مخالف ڌر جي نعريبازي جاري رهي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته معزز ميمبرن کي اپيل آهي ته هو پنهنجي بينچن تي ويهن، ڊائيس اڳيان هٽي وڃن.
مخالف ڌر جي گوڙ سبب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 5 منٽن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو- Advertisement -
