ملير جي علائقي ڪاٺوڙ ۾ گڏيل عرب امارتن طرفان ضرورتمند خاندانن ۾ راشن ورهائڻ واري تقريب

- Advertisement -
گڏيل عرب امارتن جي سفير  بٿيق عتيق الرمانتي چيو آهي ته يو اي اي پاڪستان جي هر حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي آهي، پاڪستان جي ترقي ۾ گڏيل عرب امارتن جو سهڪار جاري رهندو، رمضان شريف کان اڳ سنڌ ۽ بلوچستان جي ضرورتمند خاندانن ۾ راشن ورهايو ويندو. ملير جي علائقي ڪاٺوڙ ۾ گڏيل عرب امارتن طرفان ضرورتمند خاندانن ۾ راشن ورهائڻ واري تقريب ٿي. تقريب دوران گڏيل عرب امارتن جي سفير  3 هزار خاندانن ۾ راشن ورهايو. تقريب کي خطاب ڪندي گڏيل عرب امارتن جي سفير  بٿيق عتيق الرمانتي چيو ته رمضان شريف کان ملير، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، خيرپور، غيبي ديري ۽ ساڪري سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ضرورتمند خاندانن ۾ راشن ورهايو ويندو. سندس چوڻ هو ته يو اي اي پاڪستان جي هر حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي آهي، پاڪستان جي ترقي ۾ گڏيل عرب امارتن جو سهڪار جاري رهندو. گڏيل عرب امارتن جي سفير  بٿيق عتيق الرمانتي چيو ته پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي انفرا اسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ تعليم ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار ڪيو ويندو، اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي اچڻ گهرجي. گڏيل عرب امارتن جي سفير چيو ته ترقي يافته ملڪن جي ترقي جو راز اهو آهي ته عورتن کي برابري جا حق ڏنا ويندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
32%
4.2m/s
22%
اربع
21 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون