تازه ترين

پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آئرلينڊ پاڪستان کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آئرلينڊ پاڪستان کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڊبلن ۾ کيڏيل ٽن ميچ واري ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آئرش ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

قومي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 57، صائم ايوب 45 ۽ افتخار احمد 37 رنسون ٺاهي  نمايان رهيا.

آئرلينڊ طرفان ڪريگ ينگ 2، مارڪ ايڊر ۽ ڊلنيَ هڪ هڪ وڪيٽ  حاصل ڪئي.

پاڪستان طرفان مليل 183 رنسن جو حدف آئرش ٽيم آخري اوور ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

آئرلينڊ طرفان اوپنر اينڊي 77، هيري ٽريڪٽر 36 ۽  جارج ڊوڪريل 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

قومي ٽيم طرفان عباس آفريدي 2، شاهين، نسيم شاهه ۽  عماد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون