تازه ترين

پوليو کان محفوظ پاڪستان شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو خواب هو: بلاول ڀٽو زرداري

پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليو کان محفوظ پاڪستان شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو خواب هو، پ پ سندس خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان جو نالو به دنيا جي پوليو فري ملڪن ۾ شامل ٿيندو.

پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم کي ياد آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو پوليو جي خاتمي  واري پروگرام جي شروعات شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪيو هو.

هن چيو ته ڪجهه سازشي عنصرن  پوليو پروگرام جي مخالفت ڪئي،  پر شهيد راڻي پوئتي هٽڻ واري نه هئي، هن ان مخالفت خلاف مزاحمت ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻيءَ مزاحمت جي شروعات پنهنجي نياڻي آصف ڀٽو زرداري کي ڦڙا پياري ڪئي.

پ پ چيئرمين چيو ته سندس يقين آهي هت هر ان جنگ ۾ پاڪستان جي فتح اڻٽر آهي، جنهن جي شروعات ۽ قيادت شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو والدين کي اپيل ٿو ڪري ٿو ته پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارن، مهم دوران پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ ورڪرن کي به هو ڀيٽا پيش ڪري ٿو، اها جنگ وڙهندڙ سندن هيرو آهن، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان جو نالو به دنيا جي پوليو فري ملڪن ۾ شامل ٿيندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون