- Advertisement -
پي ٽي آءِ بانيءَ جي مدد ڪرڻ جي الزام هيٺ اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ کي گرفتار ڪيو ويو.
ڳجهن ادارن اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ محمد اڪرم کي حراست ۾ ورتو.
ڊپٽي جيل سپرينٽنڊنٽ کي اختيار اورانگهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو.
اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ تي پي ٽي آءِ بانيءَ جي مدد ڪرڻ جو الزام آهي.
ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ محمد اڪرم مٿان تحريڪ انصاف جي باني لاءِ پيغام پهچائڻ جو پڻ الزام آهي.
ڳجهن ادارن طرفان آءِ جي جيل کي آگاهه ڪيو ويو هو، جنهن اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ کي پهريان ئي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو.
ڳجهن ادارن طرفان اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپريڊنٽ محمد اڪرم خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
