- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي ٽي آءِ هڪ نظريي تحت بڻائي وئي، 9 مئي واقعن ۾ غلطي ثابت ٿيڻ تي پي ٽي آءِ باني معافي وٺڻ لاءِ تيار آهي، اسٽيبلشمنيٽ سان رابطا ٿيندا آهن، اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي.
پي ٽي آءِ بانيءَ سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي نظريي تي بيٺل آهي، نظريو قيد نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته ملڪي معيشت تي پي ٽي آءِ بانيءَ کي ڳڻتي آهي، هو ملڪ خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهي، هو سندس فيصلي جا پابند آهن، اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪندو، نه ڪري سگهيو ته سياست ڇڏي ڏيندو.
علي امن گنڊاپور چيو ته ڳالهين لاءِ ٽي او آرز هجڻ گهرجن، پنهنجا خدشا هڪٻئي آڏو رکيا ويندا، خدشن تي ڳالهيون ٿينديون ته مسئلو حل ٿيندو.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته هو آفيشل پوزيشن تي آهي اسٽيبلشمينٽ سان رابطا ٿيندا آهن، پر هيل تائين وڏي اڳڀرائي ناهي ٿي.
علي امين گنڊاپور چيو ته 9 مئي واقعن ۾ غلطي ثابت ٿيڻ تي پي ٽي آءِ باني معافي وٺڻ لاءِ تيار آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ علي امين چيو ته شير افضل مروت سان تعلق ۽ رابطو آهي، کيس نوٽيس پارٽي چيئرمين جي هدايت تي ڏنا ويا.
ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته پاراچنار ۾ سيزفائر ٿي چڪي آهي، ٻنهي گروپن ۾ زمين جو تڪرار آهي، واقعي کي دهشتگردي ۽ مذهبي رنگ ڏنو پيو وڃي، جيڪو درست ناهي- Advertisement -
