تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي  آءِ چيئرمين جا وفادار عام چونڊن ۾ حصو وٺندا: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي ٽي  آءِ چيئرمين جا وفادار عام چونڊن ۾ حصو وٺندا، ليول پليئنگ فيلڊ جي ان کان وڌيڪ هو ڪهڙي خاطري ڪرائي، چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي هو به چاهن ٿا ته ملڪ  ۾ هڪ مستقل حڪومت اچي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي ڏيهه واپس نه موڪليو پيو وڃي، غير قانوني پرڏيهي واپس وڃي قانوني طور موٽي اچي سگهن ٿا، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهين کي رهائش جي اجازت ناهي،. لاهور جي ميو اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ تي ڪا به پابندي ناهي لڳائي ته نگران حڪومت ان تي پابندي ڪيئن ٿي لڳائي سگهي؟ هن چيو ته ڪنهن پارٽيءَ تي پابندي مڙهڻ نه سندن اختيار آهي نه ئي قانون ان جي اجازت ڏي ٿو، پي ٽي  آءِ چيئرمين جا وفادار    اليڪشن ۾ حصو وٺندا، ان کان وڌيڪ هو ڪهڙي ليول پليئنگ فيلڊ جي خاطري ڪرائي؟ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي ڏيهه واپس نه موڪليو پيو وڃي، غير قانوني پرڏيهي واپس وڃي قانوني طور موٽي اچي سگهن ٿا، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهين کي رهائش جي اجازت ناهي. نگران وزيراعظم چيو ته غزا جي صورتحال مذمت جوڳي آهي، اتي فوري طور جنگبندي ٿيڻ گهرجي، جيڪو به اسرائيل غزا ۾ ڪيو ان جو جواز فراهم نه ٿو ڪري سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون