تازه ترين

پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ليڪ ڪيس ۾ وڪيل سلمان صفدر ۽ خالد يوسف ذريعي هڪ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ فرم جرم جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قانون موجب ڪيس جون ڪاپيون ورهائڻ جي ستن ڏينهن بعد چارج فريم ڪري سگهجي ٿو، پر ٽرائل ڪورٽ ستن ڏينهن واري قانوني گهرج کي نظر ۾ نه رکيو.

داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته تڪڙ ۾ ٽرائل اڳتي وڌائڻ سان بنيادي آئيني حق متاثر ٿيندا، مرڪزي ثبوت سائفر ٽيلي گراهم جي عدم موجودگيءَ ۾ ٽرائل اڳتي نه ٿو وڌائي سگهجي.

درخواست ۾ چيو ويو ته  تڪڙ ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، 23 آڪٽوبر تي فرد جرم واري ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون