وفاقي وزيرن جعلي خبرن ۽ غلط معلومات کي روڪڻ لاءِ جامع انفارميشن پاليسي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي فِيڪ نيوز کي سماج لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته غلط معلومات جي هڪ خبر ڪنهن به شخص جي زندگي ۽ ساک کي ڪيترو نقصان پهچائي سگهي ٿي، ان جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
هن پنهنجو مثال ڏيندي ٻڌايو ته 2021ع ۾ واٽس ايپ گروپ تي سندس 320 ارب رپين جي اثاثن بابت غلط خبر گردش ڪئي هئي، ٻئي ڏينهن ان خبر جي ترديد ڪئي وئي، پر ان وقت تائين اها خبر وڏي پيماني تي پکڙجي چڪي هئي.
اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته يورپ ۾ اظهار جي آزادي جو دائرو وڌيڪ وسيع آهي، پر اتي به ان حوالي سان سخت حدون ۽ ضابطا مقرر ٿيل آهن.
ان موقعي تي وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ سوشل ميڊيا کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن کي گڏيل ڊيڪليئريشن تيار ڪرڻ جي دعوت ڏني.
هن چيو ته اهڙي گڏيل پڌرنامي ذريعي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي پاڪستان جي قانونن ۽ ضابطن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي، جيئن ڊجيٽل پليٽ فارمز تي ذميوارانه رويو ۽ غلط معلومات جي روڪٿام کي يقيني بڻائي سگهجي.
وفاقي وزيرن جو موقف هو ته جعلي خبرن جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ لاءِ مؤثر پاليسي، ذميوار صحافت ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي قانوني پابندي ضروري آهي.
وفاقي وزيرن جعلي خبرن ۽ غلط معلومات کي روڪڻ لاءِ جامع انفارميشن پاليسي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي فِيڪ نيوز کي سماج لاءِ وڏو خطرو قرار
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3
°
C
12.3
°
12.3
°
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


