ايران حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جي شهادت کانپوءِ ڪيترن ئي فوجي ۽ انٽيليجنس آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
آمريڪي اخبار ”نيويارڪ ٽائمز“ موجب فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه جي قتل جي جاچ جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي ايراني انٽيليجنس ۽ فوجي آفيسرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
ايران جي فوجي ذريعن موجب اسماعيل هانيا جي ايراني گيسٽ هائوس جي ملازمن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اخبار موجب تهران ۾ اسماعيل هنيه تي قاتلاڻو حملو ايران جي سلامتي لاءِ وڏو سواليه نشان آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ايران جي پاسداران انقلاب جي اسپيشل انٽيليجنس ٽيم معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.
اسماعيل هانيه کي 31 جولاءِ تي تهران ۾ ان وقت شهيد ڪيو ويو، جڏهن هو ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران ۾ آيل هو….