تازه ترين

ڀارت جي آزادي واري ڏهاڙي کي ڪشميري ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهن

- Advertisement -
ڀارت جي آزادي واري ڏهاڙي کي ڪشميري ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميري عوام کي اڄ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. حريت اڳواڻن جو پنهنجي پيغام ۾ چوڻ آهي ته ڪشميري ڀارت کي هڪ مضبوط پيغام اماڻن ته هو هن قبضي کي رد ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو ڪوبه قانوني يا اخلاقي حق ناهي. حريت اڳواڻن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشمير تي ڀارت جو قبضو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي. آزاد ڄمون ڪشمير ۾ به ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. آزاد ڄمون ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد جي آزادي چوڪ تي صبح سوير ڪشمير پناهگيرن طرفان ڀارت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون