ڀارت ۾ پناهه وٺندڙ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد 16 ڊسمبر تي ڏيهه واپس ورڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوامي ليگ جي سربراهه شيخ حسينه ڀارت ۾ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو جلاوطني گذارڻ کانپوءِ 16 ڊسمبر تي وطن واپس وڃڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو آهي. شيخ حسينه بنگلاديش جي يوم فتح جي موقعي تي ڍاڪا واپسي جي تاريخ مقرر ڪئي آهي. شيخ حسينه جي ترجمان سيد معظم علي جو چوڻ آهي ته شيخ حسينه بنگلاديشي حڪومت سان مطالبو ڪيو آهي ته کيس نئين دهلي مان ڍاڪا واپس آڻڻ لاءِ قومي هوائي ڪمپني بيمان بنگلادش ايئرلائنز جو جهاز فراهم ڪيو وڃي. شيخ حسينه 5 آگسٽ 2024ع تي شاگردن جي قيادت ۾ ٿيندڙ عوامي تحريڪ جي نتيجي ۾ حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڀارت هلي وئي هئي، سندس 15 سالا حڪومت جو خاتمو ٿيو هو. ٻئي طرف بنگلاديشي حڪومت واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن شيخ حسينه وطن واپس آئي ته کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويندو. بنگلاديش ۾ هڪ خاص ٽربيونل کيس 2024ع جي احتجاجي تحريڪ دوران مظاهرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ڪيس ۾ سندس غير حاضري ۾ کيس موت جي سزا ٻڌائي چڪو آهي، پر شيخ حسينه الزامن کي رد ڪري ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون