ڄامشورو: ناري مهڪ ملاح جي رت جي نمونن جي رپورٽ جاري، زهر جي تصديق نه ٿي

- Advertisement -
ڄامشوري ۾ حادثي سبب فوت ٿيل ناري مهڪ ملاح کي زهر ڏيڻ جي تصديق نه ٿي سگهي،  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مهڪ ملاح جي رت ۾ ڪنهن به قسم جو زهريلو مادو نه مليو آهي. ڄامشوري جي ٽڪ ٽاڪر روڊ حادثي  ۾ فوت ٿي ويل مهڪ ناز ملاح جي رت جي نموني جي ڪيميڪل تجزيي واري رپورٽ جاري ڪئي وئي  آهي. ليبارٽري ٽيسٽ ۾ مهڪ ناز جي رت جي نمونن مان کيس زهر ملڻ جي تصديق نه ٿي آهي. ڪيميڪل ليبارٽري سکّر، روهڙي پاران 23 نومبر 2026ع تي جاري ڪيل رپورٽ موجب، فوتي ناري جي رت جي نمونن ۾ اٺن مختلف زهريلن مادن ۽ دوائن جي جاچ ڪئي وئي، جن جا نتيجا نيگيٽو آيا. رپورٽ موجب ڪيميڪل ايگزامنر ڊاڪٽر پرويز اختر ڪورائي پاران تيار ڪيل تجزيي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته موڪليل رت جي نموني مان ڪنهن به قسم جو زهر نه مليو آهي. فوتي ناري جي رت جو نمونو لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد جي وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر پونم جي خط ذريعي پوليس حوالي ڪيو ويو هو، جيڪو ڪيميڪل ليبارٽري سکّر، روهڙي موڪليو ويو هو. فوتي ناري جي والده جي فرياد تي رڪشا ڊرائيور ۽ سندس دوست خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هيو. پوليس حادثي جو سبب بڻيل ٽرڪ کي پڻ هٿ ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو پوليس جو چوڻ آھي ڊي اين اين سميت لاڳاپيل رپورٽون نه ملڻ  سبب هو عدالت ۾ قطعي چالان پيش نه ڪري سگهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون