- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي دير جو طريقو قرار ڏنو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊ جي فيصلي خلاف داخل نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
پي ٽي آءِ جي وڪيل حامد خان خميس ڏينهن مصروفيت سبب التوا جي درخواست ڪئي هئي.
چيف جسٽس چيو ته حامد خان اڄوڪي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، اهڙي درخواست پهريون ڀيرو سامهون آئي آهي، سپريم ڪورٽ وٽ ته وڊيو لنڪ جي سهولت به موجود آهي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڇا انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي وئي آهي يا نه؟ ان تي اڪبر ايس بابر جو وڪيل روسٽرم تي اچي ويو.
چيف جسٽس ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست پڙهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 13 جنوري تي فيصلو آيو پر نظرثاني درخواست 6 فيبروري تي داخل ٿي، لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف فيصلي تي نظرثاني نه ٿي چاهي.
اڪبر ايس بابر جي وڪيل چييو ته 3 مارچ تي انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي، جيڪا چئلينج ٿي.
چيف جسٽس چيو ته تحريڪ انصاف طرفان التوا گهرڻ دير جو طريقو آهي، ڪيس ملتوي ڪريون ٿا پر سچ ڳالهائڻ گهرجي.
عدالت چيو ته تحريڪ انصاف جا سمورا وڪيل ناهن آيا نه ئي ڪو مددگار پيش ٿيو آهي، اهو طريقو درست ناهي، سپريم ڪورٽ ۾ اهڙو رويو نه هجڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته انصاف جي گهرجن تحت ڪيس ملتوي ڪيو پيو وڃي، حامد خان جي ذات لاءِ ڪيس ملتوي نه ڪيو ويندو.- Advertisement -
