تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ين ايف سي ايوارڊ تي وفاقي سرڪار يا  آءِ ايم ايف ساڻس ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي:سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تي وفاقي سرڪار يا  آءِ ايم ايف ساڻس ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، وفاق ارڙهين ترميم تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي،  سموريون وزارتون ختم ڪيون ويون پر ٻين معاملن تي خدشا آهن، جنهن تي وفاقي سرڪار ڳالهيون هلن پيون، پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم بعد بجلي جا اگهه ڪجهه گهٽ ٿيندا، هنن ڪنهن به هائوسنگ اسڪيم کي زمين الاٽ ناهي ڪئي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ارڙهين ترميم بابت ڪنهن به قسم جي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي،  وفاق ارڙهين ترميم تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سموريون وزارتون ختم ڪيون ويون پر ٻين معاملن تي خدشا آهن، جنهن تي وفاقي سرڪار ڳالهيون هلن پيون، پيپلزپارٽي اهو ئي ڪندي جيڪو ملڪ جي فائدي ۾ هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هنن ڪنهن به هائوسنگ اسڪيم کي زمين الاٽ ناهي ڪئي. وڏي وزير چيو ته اڄ پڙهيو ته پنجن آءِ پي پيز ڪمپنين سان معاهدو ختم ڪيو پيو وڃي، آءِ پي پيز ڪمپنين سان 1994ع ۾ 25 کان ٽيهن ورهين جو معاهدو ڪيو ويو هو، معاهدو ختم ڪرڻ سان بجلي جي قميت ۾ ڪجهه گهٽتائي ضرور ٿيندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس خيال ۾  جيڪا واڌو توانائي آهي ان کي ڪتب آڻڻ ۾ ڪجهه گهٽتائي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تجويز ڏني هئي ته گهٽ اگهه تي صنعتي ادارن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن پراڊڪشن ۽ روزگار ۾ اضافو ٿئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هن ٻڌو آهي ته  سنڌ حڪومت جي تجويز تي سياريَ جي مند ۾ عمل ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون