تازه ترين

چين جي صدر شي جن پنگ 31 جولاءِ تي سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام

چين جي صدر شي جن پنگ 31 جولاءِ تي سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام موڪليو آهي.

پنهنجي پيغام ۾ چيني صدر چيو ته 2013 ۾ سي پيڪ جي افتتاح کان وٺي ٻئي ملڪ گڏيل تعمير ۽ حصيداري جي اصولن موجب سي پيڪ منصوبن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، انهن منصوبن جي ڪري پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ کي نئين قوت ملي آهي.

هن چيو ته پاڪ-چائنا اقتصادي راهداري چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ چئن موسمن جي دوستي جو زنده ثبوت بڻجي چڪي آهي.

صدر شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته عالمي صورتحال ۾ ڪيتري به تبديلي اچي، چين هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو، هو چين-پاڪستان آل ويدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي نئين بلندين تي وٺي ويندا.

واضع رهي ته ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ايم ايل ون ريل منصوبي سميت 6 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
28 %
2.5kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
20 °
آچر
18 °
سُومر
18 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون