تازه ترين

ڇوڪريءَ کي دل وارو اسٽيڪر موڪلڻ تي جيل بھ وڃي سگھو ٿا

واٽس ايپ تي ڪجھھ صارفين بنا اسٽيڪر موڪلڻ جي ڳالھائڻ پسند نھ ڪندا آھن ۽ پوءِ ڪڏھن ڪڏھن اسٽيڪرن ۾ محبت جي لاءِ دل جو استعمال ڪندا آھن پر ھاڻي سعودي عرب کانپوءِ ڪويت ۾ بھ ان کي ڏوھھ قرار ڏنو ويو آھي.

گلف نيوز جي رپورٽ موجب ڪويت ۾ واٽس ايپ يا سوشل نيٽ ورڪنگ سائٽس تي ڪنھن ناري کي دل موڪلڻ ھاڻي بي حيائيءَ تي ڀڙڪائڻ جو ڏوھھ سمجھيو ويندو آھي جيڪو قانون جي موجب سزا آھي.

ڪويتي وڪيل حيا الشلا جي موجب اھو ڏوھھ ثابت ٿيڻ تي گھٽ ۾ گھٽ ٻھ سال قيد ۽ 2000 ڪويتي دينار کان وڌيڪ ڏنڊ جي سزا ملي سگھي ٿي.

اھڙي طرح پاڙيسري ملڪ سعودي عرب ۾ بھ واٽس ايپ تي ريڊ ھارڊ ايموجيز موڪلڻ تي جيل جي سزا ٿي سگھي ۽ ان جو اعلان گذريل سال فيبروري ۾ ڪيو ويو ھو.

سعودي قانون جي موجب جيڪو بھ ان فعل ۾ ڏوھاري ثابت ٿيو تھ ان کي ٻن سالن کان پنجن سالن جي قيد جي سزا سان گڏ 100.000 سعودي ريال ڏنڊ لڳي سگھي ٿو.

سعودي سائبر ڪرائم جي ماھر موجب واٽس ايپ تي ريڊ ھارٽ موڪلڻ کي ملڪ جي دائري واري اختيار ۾ ھراسان ڪرڻ سمجھيو وڃي ٿو، سعودي عرب ۾ اينٽي فراڊ ايسوسيئيشن جي ميمبر المعاتز قطبي واضح ڪيو تھ آن لائن ڳالھائڻ دوران تصويرون ۽ ايموجيز موڪلڻ تي جيڪڏھن متاثر ڌر جي طرفان ڪيس داخل ڪرايو ويو تھ ھراسان جي ڏوھھ ۾ اچي سگھي ٿو. مسلسل ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڏوھھ 3 لک ريال تائين وڌي سگھي ٿو ۽ ان سان گڏ قيد جي سزا 5سال ٿي سگھي ٿي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33 ° C
33 °
33 °
26 %
1.9kmh
45 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون