ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ توشا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي طلب ڪري ورتو، جج همايون دلاور رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جو وڪيل دليل ڏي ٻي صورت ۾ سڀاڻي فيصلو ٻڌايو ويندو.
ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏنا ته 342 جي بيان ۾ جوابدار پاڻ تسليم ڪيو، جڏهن ته جوابدار پاڻ مڃي ته ان کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چوي ٿو ته ٽيڪس رٽرن مان ثابت آهي ته هن بي ايماني ناي ڪئي، ٽيڪس رٽرن جو ته ڪيس سان ڪو تعلق ئي ناهي.
جج همايون دلاور چيو ته چئن شاهدن جو تعلق ٽيڪس بابت هو، ان سبب ئي درخواست رد ڪئي هئي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽِي آءِ چيئرمين جيولري جي ڪالم ۾ لکي ٿو ته جيولري آهي ئي نه، هو تسليم ئي نٿو ڪري سگهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ هڪ به گاڏي يا جيولري نه هجي، چئن ورهين ۾ وٽس رڳو چار ٻڪريون هيون، ڇا اها تسليم ڪرڻ جوڳي ڳالهه آهي؟
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي صبح تائين ملتوي ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين کي طلب ڪري ورتو.
جج همايون دلاور چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل قطعي دليل ڏين ٻي صورت ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو