ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص ڪنڌڪوٽ جو دورو ڪري ڪچي جي مختلف علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو جائزو وٺي شهرين جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائڻ لاءِ وڌيڪ چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ ڌاڙيلن جي مدد ڪندڙ ماڻهن جي لسٽ تيار ڪرڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص ڪنڌڪوٽ جو دورو ڪيو آهي.
رينجرز ترجمان موجب، ميجر جنرل اظهر وقاص ڪنڌڪوٽ ۽ ڪچي جي مختلف علائقن گهوڙا گهاٽ ٿاڻي، دراني مهر ۽ ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ڊي آءِ جي سکر، پوليس ۽ رينجرز جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته علائقي جي سيڪٽر ڪمانڊر طرفان ڊي جي رينجرز سنڌ کي جاري آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
رينجرز ترجمان موجب، ميجر جنرل اظهر وقاص ڪچي جي علائقن ۾ قائم ڌاڙيلن جي ٿاڪن جو هوائي جائزو به ورتو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊي جي رينجرز سنڌ شهرين جي جان توڙي مال ۽ قومي شاهراهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ وڌيڪ چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
رينجرز ترجمان موجب، ڊي جي رينجرز سنڌ جاري آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڌاڙيلن جي مدد ڪندڙ ماڻهن جي لسٽ تيار ڪرڻ توڙي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي..